SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Treaty of Maastricht

(click word to listen sound
  • 🔊
  • triːtiː
  • ɔf
  • maastricht
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Treaty of Maastricht

ٽريٽي آف ماسترت

ماسترت معاهدو

عام طرح ”ٽريٽي آف يورپيئن يونين“ جي نالي سان مشهور هي معاهدو، 7 فيبروري 1962ع تي نيدرلئنڊس جي شهر ماسترت ۾ ”يورپي برادريءَ“ (EU) جي ميمبر ملڪن وچ ۾ طئي ٿيو. ساڳئي شهر ۾ 9-10 ڊسمبر 1991ع تي ”يورپي ڪائونسل (EC) جي اجلاس ۾ هن معاهدي جو متن طئه ڪيو ويو ۽ 1 نومبر 1993ع تي اهو عمل ۾ آيو. هن معاهدي جي نتيجي ۾ ”يورپي برادريءَ“ جو قيام ممڪن ٿيو، ”يورو“ جي سڪي کي خطي جي واحد ڪرنسيءَ طور تسليمي ملي ۽ يورپي ملڪن ۾ معاشي، مالياتي ۽ سياسي ڳانڍاپي جو هڪ نئون دور شروع ٿيو. ماسترخ معاهدي تحت ميمبر ملڪن جي شهرين کي يورپ جي ڪنهن به ملڪ ۾ لڏي ويهڻ، اتي رهندي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ ۽ روزگار جي فراهميءَ سميت تمام گهڻيون سهولتون فراهم ڪيون ويون. پر بنيادي طور ان معاهدي کي ٽن اهم ٿنڀن ذريعي مضبوط بڻايو ويو، (1) يورپي ڀائيچارو (2) گڏيل پرڏيهي ۽ فوجي پاليسون (CFSP) ۽ (3) فوجداري معاملن ۾ پوليس ۽ عدالتي سطح تي سهڪار (JHA). انهن بنيادن جي نتيجي ۾ هيٺين حاصلات ممڪن ٿي :
-     ادارن جي جمهوري وجود کي سگهارو بنائڻ.
-     ادارن جي سرگرمين کي اثرائتو بنائڻ.
-     مالياتي ۽ معاشي سهڪار وڌائڻ.
-     سماجي معاملن تي گڏيل قانون سازي ڪرڻ.
-     سموري يورپ کي رابطائي حوالن سان ڳنڍڻ .
-     صنعتي ويجهڙائي ٿيڻ .
-     تعليمي ۽ هنري سکيا جو گڏيل سرشتو قائم ڪرڻ.
-     نوجوانن ۽ ثقافت جي معاملن کي مٿيرائي ملڻ .
-    انساني وسيلن جي ترقي ممڪن ٿيڻ. وغيره.
ماسترخ معاهدي جي ابتدا ۾ ان معاهدي جي جرمني، فرانس ۽ انگلينڊ ۾ سخت مخالف ٿي، پر آهستي آهستي ان کي وسيع عوامي مڃتا ملڻ شروع ٿي ۽ يورپ ۾ تڪرارن جي خاتمي ۽ سهڪار جي شروعات جو هڪ عظيم دور ڏسڻ ۾ آيو


Remember Me Also:

گنج شهيدان

ذ . صفت. شهيدن جو مقام.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal